GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

حڪومت جي پاليسي ۽ لاڳاپيل قانونن موجب سمورن غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن ۽ غيرملڪين کي پاڪستان جي سرزمين تان واپس موڪليو پيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

لاهور – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت جي پاليسي ۽ لاڳاپيل قانونن موجب سمورن غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن ۽ غيرملڪين کي پاڪستان جي سرزمين تان واپس موڪليو پيو وڃي، اها پاليسي پاڪستان ۾ رهندڙ رڳو غيرقانوني افغان شهرين جي لاءِ مخصوص نه آهي پر اها انهن سمورن غيرملڪين تي لاڳو ٿئي ٿي جن وٽ قانوني دستاويز موجود نه آهن، قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي، اسان کي هڪ ٻئي جي سياسي نظرين جو احترام ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران حڪومت معاونت ڪندي. لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي شاگردن سان خصوصي ويهڪ دوران نگران وزيراعظم چيو ته افغانين کي ملڪ بدر نه پيو ڪيو وڃي پر غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين کي واپس موڪليو پيو وڃي ڇو ته سڄي دنيا جو اهو اصول آهي ته ڪو به ملڪ بنا دستاويز ۽ پاسپورٽ جي ڪنهن غيرملڪي کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. نگران وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان 40 سال اٽڪل 50 ملين افغان شهرين جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته 10 لک غيرملڪين جي سڃاڻپ ٿي آهي جيڪي قانوني ۽ مستنند دستاويزن کانسواءِ پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن. اهڙن غيرملڪين کي واپس انهن جي وطن واپس موڪلڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اهي گهربل قانوني دستاويز ۽ مستنند ويزا سان گڏ پاڪستان واپس اچن ٿا ته انهن تي ڪا پابندي نه هوندي. هن چيو ته غيرقانوني غيرملڪين جي واپسي جو فيصلو قومي سطح تي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورين ڌرين جي مشاورت شامل هئي ڇو ته غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪي مختلف قسم جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ڏٺا ويا جنهن جو ادراڪ سڀني کي هو پر اڳ ۾ ان بابت نه سوچيو ويو. افغان شهرين بابت پيش ايندڙ هڪ واقعي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن گهرو وزارت جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته عورتن ۽ ٻارن کي باعزت طريقي سان انهن جي وطن واپس موڪليو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترن ئي دهشتگرد واقعن ۾ مخصوص گروهه ملوث آهن، ڪجهه گروپن جو غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ مسئلي جو حصو آهي، هن ان حوالي سان خيبرپختونخواهه ۾ مسجد ۾ خودڪش حملي جو حوالو ڏنو جنهن جي خودڪش بمبار جي سڃاڻپ ڊي اين اي سان افغان شهري جي طور تي ٿي هئي. هن چيو ته ماڻهن جي زندگين جي حفاظت حڪومت جي اولين ذميواري ۽ آئيني فرض آهي. هن چيو ته حڪومت جون پاليسيون مختلف ادارن ۽ کاتن جي مشاورت کانپوءِ جوڙيون وڃن ٿيون. هڪ شاگرد جي سوال تي هن چيو ته نگران حڪومت آئيني طريقيڪار سان قائم ٿي آهي، اڳوڻي قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوا ۽ مخالف ڌر اڳواڻ آئيني طريقيڪار اختيار ڪندي سندس بطور نگران وزيراعظم نامزدگي ڪئي. هن چيو ته پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو مينڊيٽ ڏنو ويو. چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ نگران حڪومت نگران وزيراعظم جو نه آهي پر اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، جيڪڏهن آئيني طور تي مون کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو هجي ها ته آئون چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيان ها. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ سيڪيورٽي معاونت فراهم ڪندي. اليڪشن ڪميشن کي مڪمل معاونت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ پرامن حالتن ۽ سيڪيورٽي جي ماحول کي ٺيڪ رکڻو هوندو آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن ۾ دير بابت نگران وزيراعظم چيو ته اهو معاملو عبوري سيٽ اپ جي مدي بابت نه آهي، هن آئين جي آرٽيڪل 254 جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن ڪو فعل يا امر دستور موجب هڪ خاص مدي ۾ ڪرڻ گهربل هجي ۽ ان مدي ۾ نه ڪيو وڃي ته ان فعل يا امر جو ڪرڻ رڳو ان سبب جي ڪري ڪالعدم نه ٿيندو يا ٻي صورت ۾ ٻيو غيرموثر نه هوندو ته اهو ڄاڻايل مدي ۾ نه ڪيو ويو هو. معيشت جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح انتهائي گهٽ آهي، ماڻهن جي اڪثريت ٽيڪس ڏيڻ گوارا نٿي ڪري، جيڪڏهن 40 سيڪڙو ماڻهو به ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏين ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي محرومين جو ازالو ڪري سگهجي ٿو ۽ ترقياتي منصوبا اڳتي وڌي سگهن ٿا، هن مثال پيش ڪندي چيو ته يورپي ملڪن ۾ توهان ٽيڪس ڏيڻ کانسواءِ اتي هڪ ڏينهن به نه ٿا رهي سگهو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران نگران وزيراعظم چيو ته صحيح فيصلا توهان جي ترقي ۽ ڪاميابي جا ضامن ثابت ٿين ٿا. هن چيو ته تعصب کان مٿانهون ٿي اسان کي قومي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وجهڻو پوندو. هن چيو ته انسان غلطين مان ئي سبق سکي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ مهذب معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين ماڻهو لسانيت ۽ فرقيواريت جو شڪار ٿي هڪ ٻئي کي نقصان پهچائين ٿا جنهن جا ڀيانڪ نتيجا پوري معاشري کي برداشت ڪرڻا پون ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو ۽ اثاثو آهن پر عسڪريت پسندن خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ نوجوانن جي ذهن ۾ نفرت پيدا ڪئي. هن چيو ته مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن ۾ نصابي سرگرمين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ حڪومتجي اولين ذميواري هوندي آهي ۽ ان جي لاءِ به قانونسازي ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي آڏو پوري زندگي پئي آهي ان لاءِ صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق توهان کي پاڻ ڪرڻو آهي. هن چيو ته يورپين ملڪن ۽ آمريڪا جي تاريخ پڙهو ته اهي معاشري به جهالت، پسماندگي ۽ محرومين جو شڪار هئا پر وقت سان گڏوگڏ انهن ترقي ڪئي، معاشرتي قدرن کي پروان چاڙهيو ۽ پنهنجي نوجوانن جي ذهنن کي مثبت سرگرمين طرف راغب ڪيو ۽ انهن کي صحيح ۽ غلط بابت اهڙي تعليم ڏني جنهن سان اهي قومون مهذب بڻجي ويون. نگران وزيراعظم چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو ڪم آهي، قانونسازي عدليه به نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته توهان جا چونڊيل نمائندا جڏهن پارليامينٽ ۾ اچن ٿا ته اهي ئي قانونسازي جو حق رکن ٿا جڏهن ته ملڪي سلامتي جي لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي اهم فيصلا ان وقت ڪندي آهي جڏهن ان جي ضرورت محسوس ٿئي يا ڪا هنگامي صورتحال پيدا ٿي وڃي ته آرمڊ فورسز ۽ سويلين حڪومت کي گڏ ويهڻو پوي ٿو. نگران وزيراعظم شاگردن کي چيو ته اهي معياري تعليم جي لاءِ تحقيق ۽ تاريخ جو مطالبو ضرور ڪن جنهن سان انهن کي اندازو ٿيندو ته سوين سال اڳ اسان جي خطي جي علائقائي حالت ڪهڙي هئي ۽ هاڻي اسان ڪهڙي مقام تي بيٺل آهيون. اظهار راءِ جي آزادي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جون ڪجهه حدون هونديون آهن. نگران وزيراعظم شاگردن کي وڌيڪ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اسان کي نوجوانن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿي ملڪ جي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين. هن چيو ته مون پنهنجي اسڪول جي تعليم بلوچستان ۾ حاصل ڪئي ۽ اتي ئي پرائيويٽ گريجوئيشن ڪئي ان کانپوءِ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ جي يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ ٻيهر وطن واپس آيس ۽ پنهنجي ملڪ جي جيستائين ٿي سگهي خدمت ڪري رهيو آهيان. ڪچلاڪ روڊ جي حوالي سان هڪ شاگرد جي سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته آئون پوري ملڪ جو وزيراعظم آهيان ۽ ڪنهن هڪ صوبي يا مخصوص علائقي جو نه، مون کي وفاق جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان سمورن صوبن ۽ پوري ملڪ جو سوچڻو پوي ٿو ۽ اهو هر وزيراعظم کي ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ان جي فرضن ۾ شامل آهي اهو نه ٿو ٿي سگهي ته آئون ٻين صوبن جا فنڊز بلوچستان يا ڪنهن مخصوص علائقي تي لڳائي ڇڏيان. هن چيو ته معياري تعليم جي فروغ ۾ لمز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ مون کي بحيثيت نگران وزيراعظم سمورن صوبن جي گادي وارن شهرن ۾ وڃي اتان جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻا آهن جنهن جي شروعات مون پنجاب جي گادي واري شهر لاهور کان ڪئي اهي ۽ ڪوشش آهي ته اڳتي به توهان سان گڏ ويهڪون ٿينديون رهن.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں