GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان وٽ ڪيترائي وسيلا ۽ موقعا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
President Dr. Arif Alvi virtually addressing a seminar on the role of the Presidency organized by the London School of Economics Students Union Pakistan Development Society, from Aiwan-e-Sadr, Islamabad on November 24, 2022.

اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان وٽ ڪيترائي وسيلا ۽ موقعا آهن، پنهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اسان جي ايندڙ نسل کي بنياد ۽ محرڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن موقعن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، سياسي استحڪام جو معاشي استحڪام سان گهرو تعلق آهي، پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن قوم کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اسٽوڊنٽس يونين پاڪستان ڊيولپمينٽ سوسائٽي جي اهتمام هيٺ ايوان صدر جي ڪردار جي موضوع تي منعقد سيمينار کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان سيسن جي صدارت لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ پوليٽيڪل سائنس (ايل ايس اي) جي ڊائريڪٽر بيرونس منوشي شفيق ڪئي. صدر چيو ته آئين ۾ ايوان صدر جو ڪردار هڪ متحد قوت طور تي موجود آهي جتي صدر، ملڪ جو سربراهه هوندو آهي ۽ چونڊيل وزيراعظم کي ايگزيڪيوٽو اختيار حاصل هوندا آهن. هن چيو ته هو آئين جي دائري ۾ رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان حقيقت جي باوجود ته پاڪستان کي مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هئا تنهن هوندي به ان وٽ ڪيترائي وسيلا هئا جن جي ڪري ان کي ڪيترن ئي بحرانن تي ڪاميابي سان ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ڪورونا دوران پاڪستان ڪوويڊ 19 وبائي مرض جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد ۽ پنهنجي مرضي موجب تيار ڪيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. لاڳاپيل ادارن ۽ صحت جي عملدارن هڪ جهڙائي سان ڪم ڪيو، جزوي طور تي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي اختيار ڪيو ۽ ان تي ڪميونيڪشن، آگاهي ۽ تعليمي ذريعن جي استعمال سان عملدرآمد يقيني بڻايو، ان سان ملڪ کي ماڻهن جي زندگيون ۽ روزگار بچائڻ ۾ مدد ملي، اسان جون مسجدون، ڪاروبار ۽ صنعتي جايون کليل رهيون ۽ اسان ان بحران مان پنهنجي پاڙيسرين ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن کان بهتر طور نڪري آياسين. صدر چيو ته پاڪستان برابري، وقار ۽ خودمختياري جي بنياد تي پوري دنيا ۾ امن جي وڪالت ڪري ٿو ۽ عالمي ۽ علائقائي تڪرارن جو ڳالهين ۽ غور فڪر جي ذريعي حل چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي گهرجي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي حل طلب مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي، ان جي هندوتوا نظريي، اسلامو فوبيا ۽ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو ۽ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو ۽ بعد ۾ ان جي ڪاميابي تي حڪومت 10 بلين ٻوٽا لڳائڻ شروع ڪيا. گرين هائوس گئسز جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ وڻن، ٻُوٽن ۽ جهنگلي جيوت ۽ فطرت کي بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جيڪا سڀاڻي جي بهتر دنيا جي لاءِ اسان جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي نوعيت جي بحران جي ڪري بي گهر ٿيندڙ پناهگيرن جي لاءِ فراخدلي سان پنهنجو هٿ کولي ڇڏيو ۽ 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي جنهن جو عالمي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته سمورن پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان بنا ڪنهن نسل، رنگ يا مذهب جي فرق کانسواءِ هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايوان صدر قوم کي درپيش سماجي ۽ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ مهانگي ۽ ناياب علاج کان بچڻ جي لاءِ پاڻ معائني ۽ جلد تشخيص تي ڌيان ڏيندي علاج جي احتياطي طريقن کي فروغ ڏيڻ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. هن چيو ته هو جعلي خبرن جي معاملي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جيڪو هيـٺئين سطح تي سوشل ميڊيا جي ڦهلاءُ جي ڪري وڌي رهيو هو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي عوام کي رڳو اهڙين خبرن جي تفريح ۽ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪا ڪنهن مستنند ذريعي تانو رتي وئي هجي ۽ ان کي وڌيڪ پکيڙڻ کان اڳ اعتماد جوڳي ذريعن کان تصديق ڪئي وئي هجي. هن چيو ته جعلي خبرن مان مستنند خبرن جي ڳولا جي حوالي سان تعليم، تربيت ۽ آگاهي ئي جعلي خبرن جي خاتمي جو بهترين حل آهي. ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي روشني وجهندي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته سياسي استحڪام جو معاشي استحڪام سان گهرو تعلق آهي، ان جي لاءِ هو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن قوم کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي.

مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں