اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته احمد فراز انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪي??، هو ??ڪ اصول پسند شاعر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عو??م تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي آف ادبيات پا??ستان ۽ احمد فراز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شاعر احمد فراز جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ”احمد فراز قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهمان جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪي??. سينيٽر شبلي فراز چيو ته احمد فراز هڪ بااصول انسان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شاعري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو ??حبت ۽ انسانيت جو شاعر هو، هو پا??ستان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.