اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت و??ري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي س??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هائوسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪ??ري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصلي جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي هائوسنگ تعميراتي منصوبن ?? هيستائين ٿيند?? اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو.