اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزير??عظ?? عمران خان سان ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزير??عظ?? جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سان پنهنجي ملا??ات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وزير??عظ?? هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وزير??عظ?? ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملا??ات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ملا??ات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي، وزير??عظ?? روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، وزير??عظ?? افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اجلاس جي ميزباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏي?? ۾ ??وس جي ڪوششن کي ساراهيو.