اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سن?? کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 ه??ار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن ??ڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 59، ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 ه??ار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 ه??ار 625، پنجاب ۾ 19 ه??ار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 ه??ار 53، اسلام آباد ۾ 3 ه??ار 89، بلوچستان ۾ 1 ه??ار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪشمير ۾ هڪ ه??ار 667 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 46 ه??ار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??ويڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 82 ه??ار 298 آهي.