اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊن ۾ شفافيت جو بهترين ذريعو آهي، چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي ??ان ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو، اي وي ايم اليڪشن ڪميشن جون سموريون شرطون پوريون ڪندي آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان سمورو ڪم مڪمل آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ??ه ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون، اي وي ايم جي استعمال ??ان ڌانڌلي جا امڪان گهٽ ٿيندا، چونڊ نتيجا فوري دستياب هوندا، ان ۾ اليڪٽرانڪ ٽريل ??ان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ونگ ??ان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ا??ان جو زور ان لاءِ آهي ??ه اها انٽرنيٽ ??ان ڳنڍيل نه آهي، اها مشين موجوده پيپر بيسڊ نظام کان هڪ قدم اڳتي آهي، ا??ان ان ۾ اليڪٽرانڪ ٽريل ??ان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي، هن چيو ته عام طور تي چونڊن دوران ووٽنگ پنج وڳي ختم ٿي ويندي آهي ۽ ا??ان کي نتيجن جي انتظار لاءِ صب?? تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي جڏهن ??ه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال ??ان چونڊ نتيجا فوري دستياب ٿيندا ۽ ڌانڌلي جا امڪان به گهٽ ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزاد ڪش??ير جي چونڊن ۾ حڪومت ن ليگ جي هئي، آزاد ڪش??ير جو وزيراعظم ن ليگ جو هو، اليڪشن ڪميشن جو سينئر ميمبر به آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم جو سنڍو هو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري به آزاد ڪش??ير حڪومت پاڻ ڪئي جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميه به انهن جي تابع هئي پر جڏهن ن ليگ کي اليڪشن ۾ شڪست ٿي ته هنن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته ج??ئن انهن جا الزام ختم ڪري سگهجن،جيڪڏهن هو اليڪشن هارائيندا آهن ته چوندا آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ کٽي ويندا آهن ته چوندا آهن ته چونڊون ٺيڪ ٿيون آهن، ان حوالي ??ان هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو جنهن ??ان چونڊن جي شفافيت تي سوال نه اٿاري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڌڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ان چونڊن جي فرسٽ ورلڊ جي طرز تي شفافيت ايندي، چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال لاءِ اليڪشن ڪميشن جي شرطن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ??ه اليڪشن ڪميشن 36 شرطون سامهون رکيون ۽ چيو ته ج??ڪڏهن مشينون انهن 36 شرطن کي پوري ڪن ٿيون ٿي ??ه اهي اليڪشن ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ??ه ا??ان جيڪا نئين ٽيڪنالاجي آندي آهي، اها اليڪشن ڪميشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري ٿي. اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن جي حوالي ??ان وفاقي وزير چيو ??ه اسٽيڪ هولڊرز ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر پارٽيون شامل آهن. اهي مشينون اليڪشن ڪميشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري رهيون آهن جيستائين مخالف ڌر جو تعلق آهي ??ه انهن به اڃان تائين اها ٽيڪنالاجي ڏٺي ئي ناهي، هن چيو ته مخالف ڌر پهرين انهن مشينن کي ڏسي پوءِ پنهنجو فيصلو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت چونڊ سڌارن ۾ ٽن طرح جي ٽيڪنالاجيز تي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ بايوميٽرڪ شامل آهن، اهي ٽئي گڏ نه آهن، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پنج ڪمپنيون اي وي ايم تيار ڪري رهيون آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن جي شرطن تي پورو لهن ٿيون، هاڻي قيمت طئي ڪرڻ جو معاملو آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ??ه ان حوالي ??ان قانوني شرطن جا ٻه حصا آهن، هڪ حصو اليڪشن ڪميشن کي اختيار ڏيڻ بابت آهي، قومي اسيمبلي مان ان ڏس ۾ بل منظور ٿي چڪو آهي جيڪو هاڻي سينيٽ ۾ آهي، سينيٽ جون ٻه ڪميٽيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن، سينيٽ جي پوليٽيڪل ڪميٽي مخالف ڌر ۽ حڪومت جي ميمبرن تي مشتمل آهي جنهن اهو بل بحث هيٺ آهي، جڏهن ته سنيٽ جي پارلياماني افيئرز جي باري ۾ ڪميٽي جي اندر به ان بل تي غور جاري آهي، جيڪڏهن سينيٽ ۾ ان بل تي وڌيڪ ترميمون آيون ??ه اهو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ ايندو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان تي ٻيهر ووٽنگ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ??ه ان تي جلد عملدرآمد ٿي ويندو. ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ بابت سوال تي هن چيو ??ه ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي ??ان ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ا??ان کي مشينون خريد ڪري استعمال ڪرڻيون آهن، مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ??ه ان جي اڳئين ڏينهن اي وي ايم جي خريداري شروع ڪري سگهجي ٿي ۽ ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون.