اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه ??نر?? ق??ر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي ??ئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي ??ئي آهي، نظرثاني اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آهي، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ايف اهم قومي ادارو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.