ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صو??ي ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي سر??رم??ن جي رواني، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي حوا??ي سان هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان ڏس ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماهرن تي ٻڌل هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان صو??ي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوا??ي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.