اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کا?? متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظه??ر آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رع??يت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي سا?? ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.