اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن شهيدن جي مائرن کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرزندن جي عظيم قرباني ڏني آهي، پاڪستان جون مائرون دنيا ۾ ان لحاظ کان منفرد آهن ته پنهنجي فرزندن جي شهادت تي ا??له جو شڪر ادا ڪن ٿيون. پنهنج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ بارودي سنگهه سان گاڏي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر نديم عباس ۽ ٻين جوانن، انهن جي مائرن ۽ گهرڀ??تي?? کي اڄ قوم سلام پيش ڪري ٿي.