اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪس?? نه ڇڏي وڃي، عيد جي موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پو??يون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ??يندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو ??ڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.