اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لا??ِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪن??و هو. هن چيو م??جوده حڪومت به عام ماڻهن لا??ِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ??وششون ??ري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن??ا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن??ا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪن??و ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.