اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت تحت مس??حقين جي داخلا جو جائزو وٺڻ ۽ ان??ن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪندو، نئين مس??حقين جي داخلا نئين سروي جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي، احساس سروي 68 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ نئين سروي تحت نشاندهي ڪيل مس??حق ماڻهن کي اڄ اربع کان ادائيگيون ڪيون وينديون. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب نئين سروي ذريعي داخل ڪيل سمورن مس??حق ماڻهن کي مس??قل بنيادن تي 2000 رپيا ماهوار ڏنا ويندا ته جيئن ان??ن جي بنيادي ضرورتن ۾ ان??ن جي مدد ڪري سگهجي. مجموعي طور تي 70 لک مس??حقين کي احساس ڪفالت ?? شامل ڪيو ويندو، ان??ن کي جنوري کان جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ 12000 رپيا ڏنا ويندا. هر مس??حق کي ايس ايم ايس ملندو جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته ان??ن کي احساس پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهي پنهنجي امدادي رقم وصول ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ ان حوالي سان ان??ن کي هڪ سرڪاري خط پڻ ملندو. اهي مس??حق عورتون 6000 رپيا في ٽه ماهي وصول ڪنديون. خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا مس??حقين بائيو ميٽرڪ اي ٽي ايمز، مقرر ڪيل ريٽيل شاپس ۽ بئنڪ الفلاح جي ڪئمپ سائيٽس تان جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جا مس??حقين حبيب بئنڪ جي ڪئمپ سائيٽس تان رقم ڪڍرائي سگهندا. مس??حق خاندانن کي ادائيگي جا پيغام مرحليوار بنيادن تي موڪليا پيا وڃن.