اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ سياستدانن جي منڊيءَ لڳل آهي، 30 سالن کان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ٿين ٿا، بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ جو اگهه 50 کان 70 ڪروڙ روپيا آهي، پنج سال اڳ مون کي سينيٽ چونڊن ۾ پئسي ??ي آفر ٿي، پئسو لڳائي سينيٽر ب??جندڙ پئسو ئي ٺاهيندو، ماضي ۾ اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪندڙ اڄ پنهنجي مطالبي کان ڇو پٺتي هٽي ويا آهن، ڳجهي ووٽنگ ۾ حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون، سينيٽ اليڪشن جيڪڏهن اوپن بيلٽ سان نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا، پي ڊي ايم چوري بچائڻ لاءِ يونين بڻيل آهي، روانگي واپار وڌڻ سان روپيو مضبوط ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪلر سيدان ۾ صح??فين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سوال ته اهو ??هي ڇا هتي سياستدانن جي ضمير جو سودو ٿئي ٿو يا نه، رشوتون ڏئي ضمير خريد ڪيو وڃي ٿو، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز ملڪ جي قيادت آهن، رشوت ڏئي سينيٽر ب??جڻ ۽ ايم پي ايز جي ضمير وڪرو ڪرڻ جو سلسلو 30 سالن کان هلي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو ??هي ته ان ۾ سياسي قيادت کي ب?? پئسو ملي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پاڻ پنج سال اڳ سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسي ??ي آفر ٿي هئي جڏهن سياسي قيادت کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلي ٿو ته انهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. ڇو ته اهي پاڻ پئسو ٺاهين ٿا ان لاءِ انهن ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها جمهوريت جي نفي آهي، جمهوريت ۾ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ت?? پئسو لڳائي ڪو سينيٽر ب??جي وڃي، جيڪو پئسو لڳائي سينيٽر ب??جندو اهو پئسو ئي
ٺاهيندو.