اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پ??سي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام ان??ن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار ان??ي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي ان??ن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ ه??ي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.