اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ”ڪير بکيو نه سمهي“ موبائيل لنگر جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. شروعاتي طور تي ان پروگرام جي لاءِ راولپنڊي، اسلام آباد کي ماڊل شهر قرار ڏنو ويو آه?? جڏهن ته وزيرا??ظم عمران خان چيو آه?? ته جون کان احساس پروگرام تحت 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، آبادگارن کي ڀاڻ ??ي سڌوسنئون سبسڊي شروع ڪئي ويندي. وزيرا??ظم عمران خان احساس پروگرام تحت ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم جي غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي چيئرمين عنون عباس پروگرام جي حوالي سان وزيرا??ظم کي بريفنگ ڏني. وزيرا??ظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته احساس پروگرام جي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سيڪريٽري سميت پوري ٽيم کي آئون مبارڪباد ڏيان ٿو، هنن پناهگاهن کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي ته پورهيت جيڪي پنهنجي گهروارن جي لاءِ محنت ڪن ٿا، اهي پنهنجو پئسو بچائي ا??هن کي موڪلي سگهندا، اهي مزدور جي??ي سڀ کان مشڪل زندگي گذاري رهيا هوندا آه?? ا??هن جي لاءِ هي پناهگاهون هڪ پناهه آه??، هتي ا??هن کي عزت سان معياري کاڌو ۽ رهائش ڏني وڃي ٿي. هن عملي کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙن ماڻهن سان صحيح طريقي سان پيش اچن، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح معاشري ۾ ڪمزور طبقي بابت سوچ آه??، ائين ئي ا??هن سان رويو رکيو وڃي بلڪه ا??هن کي بهتر ماحول ڏيو، ان جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، شروع ۾ جڏهن هي پناهگاهون قائم ڪيون ته اتي معيار هيٺ ويو جڏهن ته هاڻي خوشي آه?? ته اهو معيار بهتر ٿي ويو آه??، هتي ڪم ڪندڙ محنت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آه??. وزيرا??ظم چيو ته بدقسمتي آه?? جو غريب ماڻهو کي ڏسي اها سوچ اختيار ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي ا??هن جو خيال ڪرڻو آه??، ڪيترائي علائقا اهڙا آه?? جتي ماڻهو بکيا سمهن ٿا، اسان هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جو ذمو کنيو آه??، هي ان طرف پهريون قدم آه??. وزيرا??ظم چيو ته جن علائقن ۾ بک وڌيڪ هجي اتي ڌيان ڏيڻو آه??. وزيرا??ظم چيو ته اسان هن پروگرام مان تمام گهڻو ڪجهه سکنداسين، هي پروگرام پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آه??، ان کي مسلسل بهتر بڻائينداسين، ان جو پورو رڪارڊ رکنداسين، ان ۾ مسئلا به ايندا اهي حل ڪنداسين، ان جو دائرو پوري پاڪستان تائين وڌايو ويندو. وزيرا??ظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن مون کي عطيو ڏنو آه??، جڏهن ا??هن کي اعتماد هجي ته هي ماڻهو الله جي واسطي ڪم ڪري رهيا آه?? ته ڪيترائي ماڻهو ان ۾ شامل ٿيندا، ملڪ ۾ کلي دل وارا ماڻهو آه?? جيڪي الله جي خوشنودي جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا.