اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽر??ٽ ۽ راوي منصوبا موجوده حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن، ان تي ٽائيم لائنز م??جب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي ??نصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي ??نصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شعبي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته راوي سٽي ??نصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي ??نصوبي سان لاهور سميت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.