راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو ??هريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اع??يٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير ج??از?? جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اع??يٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اع??يٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي ??عا??لن ۽ مستقبل ۾ بحري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.