اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مني گرام ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ چيئرمين وليم اليگزنڊر ??ولمز جي قيادت ۾ وفد وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هئا، مني گرام انٽرنيشنل ان ڪارپو??يش?? رقم جي پهچ ۽ عالمي طور تي تسليم ٿيل آمريڪي ڪمپني آهي جيڪا 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ساڍا 3 لک جي لڳ ڀڳ ايجنٽ هنڌن تي پنهنجون خدمتو?? فراهم ڪري رهي آهي.