اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دني?? آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سان ??صويري ??ما??ش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.