اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀ??رت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جا??ي ڪري ڇڏ?? آهي، پاڪستان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي سان واڳيل وسيلن ک?? استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دنيا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏ?? آهي، 27 فيبروري تي پاڪ فضائيه جي جوا??ي ڪارروائ?? اسان جو فخر آهي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن فخر سان فتح جو ڏينهن ملهائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪيل فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جا??ي ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بنيادي حصو آهي، ڀارتي قيدي پائلٽ جي آزادي به امن جي خواهش جو اظهار هو.