اسلام آباد – 10 آ??سٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي ه?? گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ج?? علائقن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آه?? انهن جي بحالي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.