اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليم??ني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ت?? ٻئي ملڪ غربت، انس??ني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ت?? پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارليام??ني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارليام??ني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.