اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان س??يز?? پورٽل ت?? شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ ??را??تي ملڪيت جو حق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي ??را??ت ۾ زمين تي قبضو ۽ ??را??ت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان س??يز?? پورٽل ت?? شڪايت ڪئي هئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان س??يز?? پورٽل ت?? شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ان ج?? شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري اسان جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائ??و وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوام?? شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اسان جو ??را??تي حق مليو آهي، ان تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراعظم عمران خان جون ٿ??را??تيون آهيون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.