اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب جي ترقي ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وز??را??ظم عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي، وز??را??ظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين الشريفين شاه?? سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وز??را??ظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وز??را??ظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وز??را??ظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وز??را??ظم عمران خان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعاليت جي حوالي سان کنيل قدم?? کي ساراهيندي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزو??را??ي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وز??را??ظم سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپ?? کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وز??را??ظم عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي سان پاڪستاني شهري?? کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني?? کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني?? کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وز??را??ظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين تري?? کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي سعودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وز??را??ظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وز??را??ظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سعودي عرب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.