اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پرڏيهي آفيس عمران خان کي ڌمڪي وارو پيغام موڪليندڙ ملڪ جي سفارتڪار ??ي گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، چورن مال پِڙي لڳائي آهي، خيبرپختونخوا جي عوام بلدياتي اليڪشن ۾ چورن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽ ٽولو ٻاهرين سازشن ۾ مهري جي طور تي استعمال ٿي رهيو آهي، نواز شريف مودي جهڙن ماڻهن کي شادين تي گهرائيندو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب ??سلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چي?? ته وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ??ئي، پوري قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، فرخ حبيب چي?? ته عوام ڪرپٽ ٽولي ۽ چورن جي چهرن کي سڃاڻي ورتو آهي، بي اعتمادي رٿ ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي آندي وئي آهي، ٻاهرين طاقت عمران خان کي ڌمڪي وارو پيغام موڪليو جنهن تي پرڏيهي آفيس لاڳاپيل ملڪ جي سفارتڪار ??ي گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، هن چي?? ته مخالف ڌر ملڪي خودمختياري ۽ قومي غيرت تي هر قسم جو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان هٿياربند فوج کي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو چي?? هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائينداسين، ٻاهرين سازش جو حصو بڻجندڙن کان عوام سوال پڇيندي، هن چي?? ته ٻاهرين سازش جي مهرن کي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. عوام اتحادي پارٽين کان به سوال ڪري رهي آهي، اسان وٽ ڪيترائي آپشن موجود آهن، هن چي?? ته سازش ناڪام ٿيڻ تي مخالف ڌر پريشان آهي، عمران خان قومي غيرت ۽ ملڪي خودمختياري لاءِ ڄمي بيٺل آهي، اسان ڌمڪي واري پيغام جو معاملو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به اٿاريو، ڪرپٽ سياسي ڄامڙا موجوده دور جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن.