اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو ا??م جا سمورا خدش?? ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ک?? آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ا??م جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ا??م جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ا??م جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ا??م جي وفد ۾ ايم ڪيو ا??م جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر م??طف??ٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.