اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، وزيراعظم عمران خان اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آف??س مان جاري بيان موجب پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ حڪومت طرفان ڪيل قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا اجلاس کي ميڊي??ل ڪميشن بل ج?? اهم نڪتن ۽ صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت بريف ڪيو.