اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان ??اڳ??ل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان ??اڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان ??ائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پ??هن??ي ذاتي ڇت جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو.