ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هڪ ٻي جي ??ومي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ڊي??وس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس 2020ع جي ??وقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.