اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، ان کي ڪ??هن به وقت پڪڙي سگهجي ٿو، 50 روپين جي اسٽام پيپر تي ويندڙ جي ضمانت شهباز شريف ڏني، نواز شريف لنڊن ۾ خوش باش گهمي ڦري رهيو آهي، ان وٽ جڏهن اقتدار ناهي هوندو ته ملڪ مان هليو ويندو آهي، شريف خاندان جو ??ڀ ڪجهه ٻاهر آهي، ملڪ ۾ اهي صرف اقتدار لاءِ ايندا آهن، سياست کي ڪاروبار بڻائيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪ??هن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، احتساب جو ??مل ڪ??هن به صورت ۾ نه رڪجندو، پي ٽي آءِ نظرياتي ماڻهن جي پارٽي آهي جيڪا موروثي سياست تي يقين نٿي رکي، حڪومت ايس او پيز متعارف ڪرائڻ کانپوءِ مرحليوار ۽ محد??د پيماني تي معاشي سرگرمين جو ??غاز ڪيو، ايس او پيز ??ي نظر انداز ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون کي سخت ڪنداسين. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا سبب صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي، ڪورونا وبا جو پاڪستان ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي، حڪومت ڪورونا وبا جو مسلسل جائزو وٺي رهي رهي آهي، لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ??ي نظر ۾ رکندي حڪومت غريب طبقي جي باري ۾ به سوچيندي آهي، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي عالمي سطح تي وڏيون معيشتون به ڪورونا وبا جي چئلينج کي م??هن نٿيون ڏئي سگهن، ڪورونا وبا کان بنا ڪ??هن فرق جي ڪو به متاثر ٿ?? سگهي ٿو.