اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي س??هن، وزيراعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري س??هجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آ?? جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي س??ارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آ?? جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي س??ارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي ??فادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشو?? جي پاسداري ڪندي وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.