اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڏکڻ پنجاب جي ضلعن سان تعلق رکندڙ قو??ي اسيمبلي ميمبرن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير شاهه محمود ??ريشي، سيد فخر امام، مخدوم خسرو بختيار، مملڪ??ي وزيرن زرتاج گل، محمد شبير علي قريشي، قو??ي اسيمبلي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر، ظهور حسين قريشي، مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، رانا محمد قاسم نون، ميان محمد شفيق، طاهر اقبال، اورنگزيب خان کچي، مخدوم سميع الحسن گي??اني، سيد مبين احمد، چوڌري جاويد اقبال، عامر طلال گوپانگ، عبدالمجيد خان نيازي، نياز احمد جکڙ، خواجه شيراز محمود، محمد امجد فاروق خان کوسا، سردار نصرالله خان دريشڪ، سردار رياض محمود ??زاري، ڪنول شوزب، ڊاڪٽر افضل ڍانڍلا، ثناءُ الله مستي خيل ۽ سردار محمد خان لغاري شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جو مقصد ڏکڻ پنجاب جي عوام کي نمائندگي ڏيڻ ۽ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن انهن جا مسئلا انهن جي درن تي حل ٿي سگهن. ان ڏس ۾ وزيراعظم پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي جي س??براهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيڪا پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندي ۽ انتظامي معاملن ۾ درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي.