اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪن??ن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمان?? جي دل آزاري ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسا?? جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني ??وام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، ??نه?? جا ماحولياتي صورتحال تي اثر پيا آهن، اسا?? جي خطي ۾ ماحولياتي صورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسمياتي تبديلي?? جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايما?? جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.