سبي – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سي پيڪ ۽ ترقياتي منصوبن سان بلوچستان ۾ ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، حڪومت، فوج ۽ قوم گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي، پا??ست??ن پرامن ملڪ جي طور تي اڀري سامهون آيو آهي، ملڪ کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن ت??هن هوندي به جعلي خبرن جي ذريعي مايوسي پکيڙي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سبي م??لي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.