اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آ??ي، ڪورونا رليف فنڊ جي ح??ال?? سان پ??ڪستانين جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، انسانيت جي خدمت جو اهو ئي جذبو اسان جي معاشري جي ا??ل طاقت ۽ خوبي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر فيصل جاويد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ فنون لطيفه جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ح??ال?? سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ڪورونا رليف فنڊ جي ح??ال?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسلامي تعليم، تاريخ، تمدن ۽ اسلامي معاشرن جي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسان جي ميڊيا جو اهم ڪردار آ??ي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسانيت جي احترام ۽ احساس تي ٻڌل قدرن کي اجاگر ڪيو وڃي.