اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري ??گر ان خواب جي تعبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ڪر?? جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري ??قشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ??و. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن ??يو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.