اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جو ويزن ميرٽ ۽ شفافيت تي ٻڌل ڪرپشن فري پاڪستان آهي، موجوده حڪومت ان ڏس ۾ گذريل 2 سالن دوران بنا ڪنهن فرق جي احتساب جي عمل ۾ تيزي آڻڻ ۽ اداراجاتي سطح تي بدعنواني، اقرباپروري جي خاتمي لاءِ ڪيترائي سڌارا آندا آهن، په??يون ڀيرو شگر مافيا جي خلاف جاچ رپورٽ منظرعام تي آندي وئي، وڏين اهم شخصتين جي خلاف احتساب جو گه??را??ُ سوڙهو ڪيو ويو، احتساب جي سمورن ادارن کي آزاداڻي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جي شڪايتن جو ازالو ٿيو پر عالمي سطح تي پڻ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ٿيو، موجوده حڪومت فيٽف جي هدايتن جي ڏس ۾ مني لا??ڊر??گ جي روڪٿام لاءِ ٺوس قانونسازي ڪئي، شگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ کي منظرعام تي آڻي ذميوارن جو تعين ڪيو ويو ۽ نيب ۽ ايف آءِ اي سميت مختلف ادارن کي ڪارروائي جي لاءِ اها رپورٽ موڪلي وئي. ڪڻڪ ۽ اٽي اسڪينڊل جي بنياد تي پڻ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب بدعنواني ۾ ملوث پنجاب جي خوراڪ کاتي جي 25 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرز سميت 155 ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي اسڪينڊل ۾ ملوث مل?? مالڪن کان 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب 148 فلور ملز سبسڊي وٺي ان جا ثمر عوام ڏانهن منتق?? نه ڪيا. انهن فلورز اٽو ٺاهڻ بدران وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي.