اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ام?? جو خواهشمند آهي ڇو ته اسان امن جي قدر ۽ قيمت ڄاڻون ٿا، پاڪستان گذريل سال ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي باوجود ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو هو ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا، وزيراعظ?? عمران خان ڀارت کي امن جي آڇ ڪندي واضح طور تي چيو هو ته ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم اڳ??ي وڌندو ته پاڪستان 5 قدم اڳ??ي وڌندو، جنگين ج?? تاريخ مان اسان کي تباهي، ڦرلٽ ۽ ٻين جي استحصال کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ملي، جنگين سان امن حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ نه ئي ان سان قومن جي نئين سر تعمير ممڪن ٿئي ٿي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن عالمي ا??ٽر??ٽجڪ خطرن ۽ ردعمل تي عالمي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.