اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي س??براهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ٻا??ڙي جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪميٽي کي ٻا??ڙي جي اغوا جي حوالي س??ن جاچ عمل کان آگ??هه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻا??ڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻا??ڙي جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ??ارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻا??ڙي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽي جي چيئرمين ٻا??ڙي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.