اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعدم تنظيم جي منفي پروپئگنڊه م??يوس ڪندڙ آهي، ??انون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظيم جي مظاهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اس??يشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته م??اهرين پاران اغوا ڪ??ل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪ??هن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.