اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ نئين سگهه نظر ايندي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيت دوست پاليسي تي مخالف ڌر جي تنقيد سمجهه کان مٿي آهي، مخالف ڌر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊ سڌارن، قانونسازي سميت هر سٺي ڪم جي مخالف آهي، تڪ اين اي 249 ري ڪائونٽنگ جو نه ري پول جو ايشو آهي، پي ٽي آءِ جي ري پول موقف تي اڄ (ن) ليگ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده ڪردار ادا ڪري ته هڪ اهڙو چونڊ نظام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين جنهن کانپوءِ ايندڙ چونڊ نتيجا هر ڪنهن کي قابل قبول هوندا، مخالف ڌر ڪيس عدالتن ۾ اڪلا??ي ??يڪڏهن نظام صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته ا??ان جا دروازا سدائين کليل آهن. هو واپار ??ار?? صلاحڪار رزاق دائود ??ان گڏ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.