اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ رابطو ۽ علائقائي استحڪام ايشيا لاءِ ڪاميابي جي راهه هموار ڪندو. اهڙو اظهار هن”ايشيا ۽ علائقائي رابطا“ جي موضوع تي انطاليه سفارتي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي پنهنجي خطاب ۾ ايشيا کي درپيش چئلينجز خاصل ڪري حل طلب تڪرارن، اندروني ۽ ٻاهرين ڇڪتاڻ، هٿيارن جي ڊوڙ، هڪ طرفي ڳالهين (Unilateralism)، غربن، ڪووڊ – 19 ۽ موسمياتي تبديلين کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير ايشيائي مل??ن کي جيو اقتصاديات تي ت??جه ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي پاليسي جي ٽن ستونن علائقائي رابطي، ترقي جي شراڪتداري ۽ امن ۽ خوشحالي کي اجاگر ڪيو. 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي صلاحيت تي روشني وجهندي شاهه محمود قريشي ايشيا کنڊ ۾ موجود سهڪار جي امڪانن طرف ت??جه ڏياري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي شڪل ۾ رابطا ۽ علائقائي استحڪام ڪامياب ايشيائي صدي لاءِ راهه هموار ڪندو. ان کي نظر ۾ رکندي هن چيو ته سي ??يڪ?? جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو فليگ شپ منصوبو آهي، خطي جي مل??ن لاءِ وڏا موقعا فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي وزير خطاب ۾ ايشيا ۾ وڌ کان وڌ علائقائ?? سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ 5 قدمن جون تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي تي ت??جه ڏيڻ، ايشيا ۾ اسرندڙ مل??ن لاءِ قرض کان نجات لاءِ عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن سان راب??ن ۾ اضافو ته جيئن درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مال?? سهولت مهيا ڪري سگهجي.