اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پ?? پي) ملڪ ۾ امن امان جي صورتحا?? ۽ ??يشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ڊي جي ايم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ۽ سينئر سو?? ۽ ??لٽري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ امان امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي خاص طور تي پ??جاب ۽ بلوچستان ج?? سرحدي علائقن ۾ سروي آف پاڪستان 2021ع کي استعمال ۾ آڻيند?? سرحدي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائ?? سرحدي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان کانسواءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ علائقي جي سو?? ۽ ??وليس انتظاميه کي به وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ڊيره غازي خان ۽ راجن پور جي گهٽ ترقي يافته علائقن خاص طور تي انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ صوبي جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ لاءِ پنج سالا جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي جي به اصولي منظوري ڏني. نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺندي اجلاس هيستائين جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پلان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ موجوده دور جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ خاص طور تي جاسوسي، تخريبڪاري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين، سو?? آرمڊ فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو.