مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گرلز گ??ئيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراه?? ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گ??ئيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن ??هر?? پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گ??ئيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گ??ئيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تا??يخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت سان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گ??ئيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.