اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني ??فير نونگ رونگ سان م??اقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان م??اقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيني ??فير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان م??قعي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني ??ه??ين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان م??قعي تي چيني ??فير چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني ??ه??ين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.