اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پ??ڪس??ان طرفان عوام کي انساني بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي ??راهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حقن جي ا??تر??م کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل آهي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آه??، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بنيادن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انساني بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي ??راهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي ??اءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عالمي ذميواري جي اصول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ??يزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي ??وجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پ??ڪس??ان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي ??دد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ادارن جي عملي جي ??يڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي ??راهمي لاءِ انساني بنيادن تي راهداري جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بنيادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پ??ڪس??ان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ??يزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي ??راهمي ۾ مدد جي ??نهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي ??عاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پ??ڪس??ان کان رستي جي ??راهمي ذريعي گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي ??راهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.