اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي ??چي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي ??ي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صنعتي ??عبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي ??ڌ ??ان وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ا??ارن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ ??وج??انن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. وفد صدرکي ??ومي معيشت ۾ ڪوئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن ??ان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي ??قين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.