اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيرت النبي ﷺ ۽ مديني جي رياست جي ??ختلف رخن تي تحقيق جي ??اءِ پنهنجي سربراهي ۾ رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اها اٿارٽي نه رڳو اسڪولن جي ??صاب پر سوشل ميڊيا تي اڻوڻندڙ مواد جي ??ڻ مانيٽرنگ ڪندي، اسان پنهنجي ??لڪ کي ان رخ طرف وٺي وينداسين جنهن جي بنياد تي 74 سال اڳ پاڪستان ٺهيو، ٻارن کي پنهنجي ثقافت کان متعارف ڪرائڻ جي ??اءِ ڪارٽون سيريز ٺاهينداسين. هو رحمت اللعالمين ﷺ عشري جي ??رڪزي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پڻ خطاب ڪيو جڏه?? ته وفاقي وزيرن سميت وڏي انگ ۾ مذهبي اسڪالرز تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته رحمت اللعالمين ﷺ عشرو شروع ڪرڻ تي هو فخر محسوس ڪري ٿو. جڏهن به ڪو معاشرو ترقي جي رستي تي گامزن ٿئي ٿو ته ان جو بنياد مديني جي رياست جي اصولن تي عمل آهي. مديني جي رياست جي اصولن تي هلنداسي?? ته ملڪ ترقي ڪندو، اسلامي فلاحي رياست ٺهڻ پاڪستان جي ??اءِ لازمي آهي، مديني جي رياست جو بنياد انسانيت ۽ انصاف جو نظام هو، طاقتور ڪڏهن به انصاف نه ٿو چاهي پر هو اين آر او چاهي ٿو، فيڪٽ آئي مشن موجب ملڪن جي غريب رهجي ??ڃڻ جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، مٿي جي سطح تي جيڪڏهن اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي هجي ته ڪلرڪ ۽ پٽواري کي پڪڙڻ سان ڪرپشن ختم نه ٿيندي، چين وزيرن سميت 450 کان وڌيڪ ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو، دنيا ۾ جيڪي ملڪ خوشحال آهن اتي قانون جي بالادستي آهي. هن چيو ته مون تمام گهڻي دير سان سيرت النبي ﷺ جو مطالعو شروع ڪيو، آئون روزانو پنهنجي زندگي جو تنقيدي جائزو وٺندو آهيان. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو قيادت جي کوٽ آهي، اسان جي ??وجوانن جي ??اءِ ??ول ماڊل نبي ﷺ هجڻ گهرجي، ڪو به معاشرو اخلاقيات کانسواءِ ??ڳتي نه ٿو وڌي سگهي. نبي آخرالزمان ﷺ سڀ کان وڌيڪ زور تعليم تي ڏنو، عورتن ۽ مردن ٻنهي جي تعليم تي زور ڏنو، 5 سئو سالن تائين دنيا ۾ وڏا سائنسدان مسلمان هئا، انهن وٽ دنياوي ۽ ديني ٻئي علم هئا. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي ??ارن کي اهو پڙهائڻو آهي ته انهن جو رول ماڊل ڪير هجڻ گهرجي، زندگي گذارڻ جا ٻه وڏا رستا آهن هڪ ناجائز دولت گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو نبي ﷺ جي سيرت اختيار ڪرڻ، اسلام انسانيت کي گڏ ڪرڻ جو دين آهي. وزيراعظم چيو ته 25 سال اڳ جڏهن سياست ۾ قدم رکيو ته ان وقت کان ئي انساني فلاحي رياست جي ??اءِ ??دوجهد شروع ڪئي، اهو ئي قرارداد مقاصد ۾ اسان جي بزرگن پاڪستان جو مقصد بڻايو. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ??لڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي ته اسان کي نبي ﷺ جي اتباع ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته نبي ﷺ جي زندگي عظمت جو رستو آهي، انهن جي رستي تي هلڻ جي حڪم ۾ اسان جي بهتري آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي قرآن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، حضرت محمد ﷺ سمورن انسانن جي ??اءِ ??حمت اللعالمين بڻجي آيا، ان دور ۾ انصاف ايتري عروج تي هو جو وقت جو خليفو حضرت علي رضه هڪ يهودي کان ڪيس هارائي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪرپشن روڪڻ جي ??اءِ معاشري کي متحرڪ ڪرڻو پوندو، ڪرپشن عوام جو پئسو چوري ڪرڻ آهي، ڪرپشن جي خلاف پورو معاشرو وڙهندو آهي، اڪيلي حڪومت ڪيتري ڪرپشن پڪڙي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح هن ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر متعارف ڪرايا اهڙي طرح چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي ??اءِ ??ڌارا آڻي رهيا آهيون، پولنگ کانپوءِ ۽ نتيجي جي اعلان جي ??چ ۾ اصل ڌانڌلي ٿيندي آهي، ان جي روڪٿام لاءِ ??هترين حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آهي، 1970ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سمورين چونڊن ۾ هارائيندڙ پاران ڌانڌلي جو الزام هنيو ويو. چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ نه ٿا چاهي?? ته نظام بهتر ٿئي. وزيراعظم چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي ويندي جنهن جو سرپرست اعليٰ هو پاڻ هوندو جڏه?? ته قرآن پاڪ جي تفسير لاءِ نمايان مقام رکندڙ اسڪالر کي ان جو چيئرمين بڻايو ويندو، ان جي ??ٿان هڪ انٽرنيشنل ايڊوائيزري ڪميشن ٺهندي. اها اٿارٽي دنيا جي آڏو اسلام جو حقيقي چهرو پيش ڪندي، اسڪولن جي ??صاب کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ پڻ اها اٿارٽي قدم تجويز ڪندي. ان اٿارٽي تحت يونيورسٽي جي سطح تي ريسرچ کي فروغ ڏنو ويندو، 625هه کان 636هه تائين اهڙو ڇا ٿيو جو عرب دنيا جا حڪمران بڻجي ??يا، ان حوالي سان به تحقيق ڪري دنيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته اها اٿارٽي اولهه تهذيب جي ??عاشري تي اثرن، ان جي ??قصانن ۽ فائدن تي پڻ تحقيق ڪندي. رحمت اللعالمين اٿارٽي ۾ سڄي دنيا جا اسڪالر شامل هوندا، سوشل ميڊيا جي ??انيٽرنگ جي ??اءِ هڪ ميمبر کي ذميواري ڏني ويندي. هن چيو ته اها اٿارٽي نبي ﷺ جي زندگي جي ??ختلف رخن مان تعين ڪندي ته ان مان ٻارن جي ??اءِ ڪهڙو سبق ڏيڻو آهي ۽ وڏن کي ڇا پڙهائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام ۾ غلام کي به پنهنجي خاندان جي ڀاتين وانگر رکڻ جو درس ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو ان قدم سان اهي غلام بادشاهه بڻجي ??يا، آمريڪا ۾ اڄ به ڪارا معاشري جو حصو نه بڻجي سگهيا، اهو اسلام ئي هو جنهن آفريقا جي ??اڻهن کي به برابر حق ڏنا، گهريلو ملازمن جي حقن جو تحفظ سڀني جي ذميواري آهي. وزيراعظم فحاشي کي اهم معاشرتي برائي قرار ڏيندي چيو ته جڏهن به اسان فحاشي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پنهنجو پاڻ کي لبرل چوندڙ هڪ طبقو ان تي گوڙ ڪري ٿو، فحاشي جا اثر خانداني نظام تي پون ٿا، اسان کي پنهنجي ??وجوانن کي ان جي ??عاشرتي اثرن کان آگاهه ڪرڻو پوندو، موبائيل فون پوري دنيا بدلائي ڇڏي آهي، ان ۾ اهڙو مواد ملي ٿو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي اهو هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته اسان جي دين ۾ ڪو جبر نه آهي اسان کي پنهنجي ??ارن کي هڪ رخ ڏيکارڻو آهي ته جيئن انهن کي خبر پوي ته ڪهڙي رستي تي هلي انهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جي ڪري خانداني نظام متاثر ٿيو، اسان ان جي ??قابلي ۾ پنهنجي ??وجوان نسل کي اسلامي تاريخ کان آگاهي جي ??اءِ ??رڪيءَ مان ارطغرل ڊرامو آندو، اهو ڊرامو ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي خاص هدايتن تي ٺاهيو ويو آهي ڇو ته انهن جي ??عاشري کي وڌيڪ مسئلا درپيش آهن. ان کانسواءِ منشيات جي ??عنت به هڪ وڏو مسئلو آهي، انهن براين کان بچڻ جو واحد رستو نبي ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ميڊيا جي تمام وڏي ذميواري آهي ته اها ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻارن کي ڏيکاريا ويندڙ ڪارٽون پروگرام اسان جي ثقافت سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان سان ٻارن جي تربيت تي اثر پئجي رهيا آهن، قصور ۾ ٿيندڙ جنسي زيادتي جي ??اقعن تي رپورٽ وڏي خوفناڪ آهي، جنسي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ پوري معاشري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي دين ۾ والدين جو رتبو تمام وڏو آهي، بدقسمتي سان اسان کي والدين کي گهرن مان نه ڪڍڻ جي ??اءِ قانون ٺاهڻو پيو، معاشري ۾ خانداني نظام بچائڻ جي ??اءِ ??سان جي اسڪالرز کي ان تي ڳالهه ڪرڻي پوندي، اسان جي ??عاشري ۾ طلاق جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي. هن ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي چيو ته اهي پنهنجي ??نهنجي علائقن ۾ ربيع الاول ڀرپور انداز ۾ ملهائين. وزيراعظم چيو ته نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي تي هڪ دانشوراڻو ۽ مدلل جواب ڏيڻ جي ??اءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب کان اڳ پاڪستان جي ??اليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ??اءِ فاتحه خواني پڻ ڪرائي.